خوشبوءَ جو زهر

خوشبوءَ جو زهر

خوشبوءَ جو زهر

خوشبوءَ جو زهر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور شاعر تاج بلوچ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، ڊيمي سائيز جي
172 صفحن تي مشتمل، جون 1987ع ۾
ڪلا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران شايع ٿيو هو. ڪتاب جو انتساب سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جي وڏي نالي ’ماڻڪ‘ جي نالي ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ شعر جون مختلف صنفون: نظم، بي قافيا نظم، نثري نظم، وايون، گيت ۽ غزل شامل آهي. تاج بلوچ جي شاعريءَ ۽ فن تي نامور نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر قمر شهباز ’وارياسي جو اڪيلو مسافر‘ عنوان سان ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ’تاج بلوچ جو فن‘ عنوان سان ويچار ونڊيا آهن. ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو به ڪلا اڪيڊميءَ ڪراچي جون 1997ع ۾ ڇپايو آهي. ڊيمي سائيز جي 168 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي. ڪتاب جو انتساب تاج بلوچ وڇڙي ويل اديبن: ماڻڪ، رشيد ڀٽي، ساحر پريمي، نارائڻ شيام، اشفاق قاضي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، امير علي چانڊيي، نبي بخش کوسي ۽ ممتاز مرزا جي نالي ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ به قمر شهباز ۽ تنوير عباسيءَ جي پهرين جلد وارن ويچارن سان گڏ امير علي چانڊيي جو تاج بلوچ جي شاعريءَ ۽ فن بابت ’اشتراڪي ڪيفيت جو شاعر‘ جي عنوان سان 31 صفحن جو اڀياس پڻ شامل ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو